سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون 3

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون 3

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون 3

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (جلد ٽيون: ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ بابت ڊاڪٽر الهداد ٻوهيي جي مقالن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن کي نوجوان اديب آزاد انور ڪانڌڙي مرتب ڪيو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ ’ناشر نوٽ‘ اٿارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمئن عبدالقادر جوڻيجي جو لکيل آهي. ڪتاب جو مهاڳ مرتب لکيو آهي. ڪتاب ۾ ڊاڪٽر الهداد ٻوهئي جا ليکڪ جا: (1) اسان جي اڻ ڳالهايل زبان، (2) ٻوليءَ ۽ آواز، (3) ٻولي ۽ ٻار، (4) ٻولي ۽ ڪلچر، (5) ٻوليءَ جو ٻٽو سرشتو، (6) سماجياتي لسانيات، (7) لسانيات ۽ جديد نظريا، (8) سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪردار- عنوانن وارا مقالا ۽ مضمون شامل آهن.
ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان، 142 صفحن تي مشتمل، هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي. هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2008ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو